انور حسين صديقي

انور حسين صديقي، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر انور حسين صديقي 10 فيبروري 1938ع تي حيدرآباد تي پيدا ٿيو. هن 1961ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ 1966ع ۾ آمريڪا جي سائودرن ڪيليفورنيا مان پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪيائين. 1961ع ۾ هن ڪراچي جي پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي نيشنل انسٽيٽيوٽ ۾ بطور ريسرچ ايسوسيئيٽ جي حيثيت سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ اتي ئي هو 74-1973ع ۾ ان اداري جو ڊائريڪٽر ٿي ويو. 1975ع ۾ لاهور جي پاڪستان ايڊمنسٽريٽو اسٽاف ڪاليج ۾ ڊائريڪٽر ريسرچ ۽ اسٽڊيز جي حيثيت سان شامل ٿيو. جتي هو ترقيءَ جي مختلف تربيتي پروگرامن ۾ شامل ٿي ويو. ڊاڪٽر انور حسين 1982ع ۾ نائجيريا جي احمدو بيلو يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ايڊمنسٽريشن جو چيف صلاحڪار/ پروفيسر طور به پڻ ڪم ڪيو ۽ انسٽيٽيوٽ جي انيڪ پروگرامن، قانون، لوڪل گورنمينٽ، بزنس ايڊمنسٽريشن، پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي ميدان ۾ ترقي ڏياري. 1986ع ۾ هي اسلامڪ لا اڪيڊمي، انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيو، جتي هو 1992ع تائين رهيو. 1992ع کان 1995ع تائين ڊاڪٽر انور حسين فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ۽ قانون واري وزارت اسلام آباد جو ڊائريڪٽر جنرل رهيو. ڊيپوٽيشن وارو اهو عرصو پورو ڪرڻ کان پوءِ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ۾ بطور وائيس پريزيڊنٽ ۽ انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ ايڪنامڪس جي ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت سان واپس موٽي آيو، جتي هن 1997ع جنوري تائين ڪم ڪيو. 1997ع فيبروري ۾ هي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بڻيو، ڊاڪٽر انور حسين صديقي ٻن ڪتابن جو مصنف به آهي ۽ هن جا 33 کان وڌيڪ مضمون قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي ڇپجي چڪا آهن. ڊاڪٽر انور حسين ڪيترن ئي تربيتي پروگرامن ۾ حصو ورتو توڙي قومي ۽ بين الاقوامي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي. هي ڪيترن ئي قومي ۽ بين الاقوامي تنظيمن ۽ پروفيشن باڊيز جو ميمبر پڻ رهيو. ڊاڪٽر انور حسين پبلڪ ايڊمنسٽريشن، اقتصاديات ۽ مئنيجمينٽ جي شعبن جو ماهر هو. 15 مارچ 2021ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي.


لفظ انور حسين صديقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

10.02.1938  عيسوي

ڊاڪٽر انور حسين صديقي 10 فيبروري 1938ع ۾ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايڇ ٽي لئمبرڪ
ٻڍل بيگ ميرزا
الطاف سمو
رسول بخش بلوچ
ايس آر راءُ
دارا شاهه 1
سرائي علي گوهر خان
زبيده گهانگهرو
جهان خان کوسو مسڪين
تاجو فقير اوٺوال
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون